ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ جي فتح پور پاڙي جي رھواسڻ بيوھ روزينا چنا ۽ نصرين چنا احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي پٽ الله بخش چنا کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، ٿاڻي تي ويس ته پوليس موٽائي ڇڏيو آھي، هن چيو ته خدشو آهي ته پوليس پٽ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيندي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي طرف ڀرياروڊ پوليس ٻڌايو ته ڳوٺاڻي ارشاد چني پاران دڪان ساڙڻ جي اين سي داخل ڪرائي جنهن تي گرفتار ڪئي آهي.