ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياروڊ ٽائون ڪاميٽي وارڊ 6 مسلم ليگ نواز جي ڪاؤنسلر اميدوار ۽ سماجي اڳواڻ مير عاشق علي بروھي طرفان سنڌوءٔ دريا تي ڪينال اڏڻ واري فيصلي خلاف پنھنجي پارٽي مسلم ليگ نواز جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفي ڏيڻ جو اعلان ڪيان ٿو، ھن چيو ته سنڌ سورن ۾ آھي وفاق زبردستي ڪينال مڙھي سنڌ کي بنجر بنائڻ چاھي ٿو ڪينال منصوبا ڪارپوريٽ فارمنگ پيڪا جھڙا ڪارا قانون شھباز حڪومت طرفان جاري ٿيا، جن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رھي آھي ٻٻرلو۽ ۾ وڪيلن جي ڌرڻي جي مڪمل حمايت ڪيان ٿو ھن مطالبو ڪيو ته وفاق فوري طور تي ڪينال منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.