ڀرياسٽي(ن پ ا) ڀرياسٽي ۾ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن طرفان عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير قانوني ليبارٽرين خلاف ڪئي وئي، جنهن دوران جھولي لعل ، جيجل ماءُ، علي ليبارٽري ۽ سنڌ ليبارٽريون سيل ڪيون ويون جڏھن ته ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جو ٻڌي عطائي ڊاڪٽر ۽ غير قانوني ھلندڙ ميڊيڪل اسٽور مالڪن دڪان بند  ڪري فرار ٿي ويا، ان موقعي تي ھيلٿ ڪيئر ڪميشن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عديل ساجد ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته ڀرياسٽي ۾ 4 غير قانوني ۽ غير رجسٽرڊ ليبارٽريون سيل ڪيون آھن ڪنھن کي به بخش نه ڪيو ويندو ضلعي اندر سموريون ليبارٽريون ۽ غير رجسٽرڊ ميڊيڪل اسٽور سيل ڪيا ويندا.