ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڪلھوڙا برادري جي عورتن ٻارڙن ۽ مردن احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاھراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي سڪينا ڪلھوڙو، حوران ۽ ٻين ٻڌايو ته ڀرياسٽي پوليس نوجوان نجاد ڪلھوڙو کي زبردستي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ھنن ٻڌايو ته نوجوان مٿان ڪو به ڪيس داخل ناھي، ان جي باوجود پوليس ناحق کيس گرفتار ڪري ٽارچر ڪري رهي آهي، هنن چيو ته خدشو آھي ته نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويندو، هنن مطالبو ڪي ته معاملي جو نوٽيس وٺي گرفتار نوجوان کي آزاد ڪيو ووڃي، ٻئي پاسي ڀرياسٽي پوليس ٻڌايو ته نجاد ڪلھوڙو موبائل چوري ۾ ملوث آھي، جنهن ڪري کيس گرفتار ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.