ڀرياسٽي ( ن پ ا) ڀرياسٽي ۽ آسپاس 5 مھينا گذرڻ باوجود به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگھيو آهي، قومي شاھراهه تي واقع دادو ۽ سکر سميت ٻين شهرن کي بجلي مهيا ڪندڙ 5 سئو ڪي وي گرڊ اسٽيشن ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو آھي، گرڊ اسٽيشن جي آسپاس 4 کان 5 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل ھجڻ سبب ديوارون ڪرڻ سبب برساتي پاڻي گرڊ اسٽيشن اندر داخل ٿي سگهي ٿو، جنھن سان گرڊ اسٽيشن مڪمل پاڻي ھيٺ اچي ويندي، سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي ته سنڌ سرڪار توڙي چونڊيل نمائندن برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به قدم ناھن کنيا، ھنن مطالبو ڪيو ته گرڊ اسٽيشن سميت تعلقي ڀريا جي مختلف علائقن مان بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي، ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي ڊائريڪٽر جنرل پي ايم ڊي اي ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز پاڻي جي نيڪالي سميت متاثرن جون شڪايتون ٻڌڻ توڙي ازالي لاءِ اڄ ڀرياروڊ ۾ کلي ڪچھري منعقد ڪندا.