ڀرياسٽي/گمبٽ(نمائندن وٽان) ڀريا سٽي ويجهو ٻن ڌار ڌار حادثن ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت، 25 کان وڌيڪ زخمي، خبر موجب قومي شاهراهه تي ڳوٺ غلام حيدر آرائين وٽ سيوھڻ کان گھوٽڪي ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ مرد ۽ عورتون زخمي ٿي پيا، جن کي ڀرياسٽي اسپتال آندو ويو، جتي بجلي نه هئڻ ڪري مريض تڙپندا رهيا، زخمين ۾  مسمات ارشاد، صبا، ارم، عمر جتوئي، مسمات شهرو، دلشاد، انور، باسط، بابر، شازيا، صدام، پروينا، ڪلثوم، ناديا ۽ ٻيا شامل آهن، جتان ٻن عورتن ۽ ٻين زخمين کي نوشھروفيروز، نواب شاھ ۽ گمبٽ اسپتال نيو ويو، هوڏانهن گمبٽ اسپتال ۾ حادثي ۾ زخمي ٿيل مريد شاخ واسي عورت مسمات ارشاد ۽ جيڪب آباد واسي 40 سالا رحمت فوت ٿي ويا، مسافرن ٻڌايو ته گاڏي ۾ 22 ماڻهو سوار هئا، سمورا مسافر زخمي ٿيا آهن، ٻئي پاسي ڀريا سٽي ويجهو قومي  شاهراهه تي  ڪار ۽  موٽرسائيڪل جي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ االله ڏتو ڀنڀرو واسي فياض ڀنڀرو ۽ حسين ڀنڀرو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ايمبولنس وسيلي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو.