ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ حاجي دريا خان جلباڻي ۾ مبينا طور عطا محمد جلباڻي ۽ ظفير جلباڻي جي زرعي زمين تان موٽر ۽ سولر پليٽون چوري ڪندي ڳوٺاڻن 4 چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي سوگهو ڪري ورتو، ڳوٺاڻن پڪڙيل چورن کي ڪٽڪي بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پڪڙيل چورن جي سڃاڻپ ڀرياروڊ واسي دلدار عرف دلو لاشاري ۽ سندس ساٿين طور ٿي آهي، آخري اطلاعن تائين ڀريا سٽي ٿاڻي تي چورن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.