ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي پوليس ڪارروايون ڪري مختلف ڏوھن ۾ ملوث 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس موجب مختلف جڳھن تي ڪارروايون ڪندي 7 جوابدار گرفتار ڪيا، جن وٽان غير قانوني ھٿيار، چوري ٿيل سولر پليٽون، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب گرفتار ٿيلن ۾ نعيم لنجار، رزاق منگي، امان الله سولنگي، علي احمد سولنگي، امتياز ڏھر، سلام بروھي، روشن خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن، پوليس موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.