ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ويجهو ٺاروشاهه لنڪ روڊ تي چانڊيا پٿر وٽ تيز رفتار موٽر سائيڪل وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀرياروڊ جي ڳوٺ جات خان راڄپر واسي نوجوان سرفراز راڄپر سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳوٺاڻن نازڪ حالت ۾ ڀرياسٽي اسپتال آندو، جتي ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، وارثن موجب نوجوان ڳوٺ کان ٺاروشاهه وڃي رھيو ھو ته حادثو پيش آيو، حادثي جي اطلاع ته نوجوان جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو.