ڀرياروڊ(ن پ ا) ڀرياروڊ ۾ حساس ادارن جي اهلڪارن ۽ اي سي شاھد حسين سرڪي کنڊ جي گدامن تي ڇاپا هڻي 2 دڪان سيل ڪري 60 ھزار کان مٿي ڏنڊ وصول ڪيو، غلا منڊي مان 2000 کان 2500 کنڊ جون ٻوريون ھٿ ڪري 2  دڪان سيل ڪيا ويا، جڏهن ته دڪاندار ناصر کان 40  ھزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو، اي سي چيو ته کنڊ زخيرو ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو.