ڀرياروڊ (ن پ ا) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ مولوي غلام رسول بروھي جي رھواسي احمد  جان بروھي جو 8 سالن جو پٽ سراج احمد گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ گم ٿيل نينگر جي والد ٻڌايو ته سندس پٽ ڀرياروڊ جي ديني مدرسي ۾ پڙھندو آهي، گذريل ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو، هن چيو ته پٽ جي مٽن مائٽن وٽ ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، هن اختيارين کي نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي،