ڀرياروڊ(ن پ ا) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ بگو دڙو ۾ گهرو اڻبڻت تان غلام رباني اعواڻ ڪھاڙين جا وار ڪري پنهنجي نوجوان ڀاڄائي نورجهان زال جاويد اعواڻ کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي لاکاروڊ پوليس واقعي واري ھنڌ پهتل ان سلسلي ۾ قتل ٿيل عورت جي پيءَ حاجن ڪلهوڙو ٻڌايو ڌي جي ڪجهه سان اڳ اعواڻ برادري جي نوجوان شادي ڪرائي هئي سندس ڏير غلام رباني اعواڻ ڪھاڙين جا وار ڪري نياڻي کي بي دردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي هن چيو ته اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، نياڻي روزي سان هئي جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن لاکاروڊ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل وٺي اسپتال منتقل ڪيو آهي، پوليس ٻڌايو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.