آمريڪا ۾ هڪ ڪيلي (ڪيوڙي جي ڦريءَ) جو مُلهه هڪ ڊالر کان به گهٽ آهي ۽ پاڪستان ۾ ته هڪ ڊالر جي قيمت ۾ هڪ کان ٻن درزنن تائين ڪيلا خريد ڪري سگهجن ٿا.
پر آمريڪا ۾ ’ڊڪٽ ٽيپ’ سان ڀِت تي چمبڙائيل ڪيلي جي قيمت توهان جي سوچ کي کيرو ڪري ڇڏيندي. آخر ڪيتري قميت آهي؟
ان سوال جو جواب ۽ ان جي اصلي سچ جي ڪهاڻي اچرج ۾ وجهڻ جهڙي ۽ دلچسپ آهي.
’ڊڪٽ ٽيپ’ سان ڀِت تي چمبڙائيل ڪيلو دراصل هڪ آرٽ ورڪ آهي جنهن جو نالو ’ڪاميڊين’ آهي، جنهن کي اٽليءَ جي فنڪار مريزيو ڪيٽلان ٺاهيو آهي.
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هلندڙ هفتي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ آرٽ جي هڪ نماءَ ۾ ان جي قيمت 10 لک ڊالر ٿي سگهي ٿي.
پهريون ڀيرو 2019 ۾ ’آرٽ باسل ميامي بيچ فيئر’ ۾ ان جي نمائش ٿي هئي، جنهن کان پوءِ اهو بحث جو عنوان رهيو.
ان بابت ڪيترن ماڻهن جو پهريون ردِعمل هيو ته شايد ’اهو ڪو ڀوڳ آهي’؟ يا فن جي موجوده حالت تي ڪو تبصرو ڪيو ويو آهي. هڪ فنڪار ته ڀت تي لڳل ڪيلو لاهي کائي ڇڏيو هو.
’ڪاميڊين جي اڳيان ’سيلفي’ وٺڻ وارن شوقينن جي ايتري ته رش لڳي وئي هئي جو ان کي اتان هٽائڻو پيو هو. پر هينئر تائين ان جا ٽي ايڊيشن هڪ لک 20 ڊالر کان ڏيڍ لک ڊالر تائين وڪرو ٿي چڪا آهن.
فن پارن ۽ نوادرات جي ٻولي لڳائڻ واري ڪمپني، ’Sotheby’s’ مطابق، 20 نومبر تي اهو ’تصوراتي فن پارو’ 10 کان 12 لک ڊالر ۾ نيلام ٿيڻ جي اميد آهي.
’سوٿبائي’ جي آرٽ جي شعبي جي سرواڻ، ڊيوڊ گيلبرن چيو آهي ته هيءُ Piece of art دنيا جي لاءِ هڪ آئينو آهي ۽ سوال ڪرڻ تي اڀاري ٿو ته اسان فن جو ڪيترو قدر ڪريون ٿا ۽ اسان فن پاري کي ڪهڙيءَ ريت بيان ڪيون ٿا.
ڀت تي لڳايل ڪيلو اصلي آهي ۽ وقت سان گڏ خراب به ٿي ويندو آهي. ان جي ڪري مياميءَ ۾ جيڪي ڪيلا وڪرو ٿيا هيا اهي نيو يارڪ ۾ نه ٿيندا، ڇو ته انهن کي ختم ٿئي مدت ٿي چڪي آهي. ته پوءِ، هن فن پاري ۾ قيمت ڪهڙي شئي جي آهي؟
ان جو جواب ڏيندي، گيلبرن چيو ته جڏهن توهان ڪيٽلان جو فن پارو ’Comedian’ خريد ڪريو ٿا ته اها ڪيلي جي قيمت ناهي پر توهان ان سرٽيفيڪيشن جو مُلهه ادا ڪريو ٿا جنهن ۾ ڪيٽلان جي پاران ڊڪٽ ٽيپ سان ڪيلو ڀت تي چمبڙائڻ جي ان آئيڊيا ڏيکارڻ جي باقاعده اجازت ملي ويندي آهي.
سندس چواڻي، ان سرٽيفيڪيشن کان پوءِ توهان جو ڀت تي ڊڪٽ سان لڳايل ڪيلو اهو فن پارو بڻجي ويندو آهي جيڪو مريزيو ڪيٽلان ٺاهيو هو.
فني نقادن مطابق، ڪيٽلان جو هيءُ فن پارو رڳو ناڻي وارن پاران وڏيون ٻوليون ڏئي ۽ ڳاٽي ڀڳيون قيمتون ادا ڪري فن پارا خريد ڪرڻ تي ٽوڪ نه پر ان ۾ ڪيترن مکيه سماجي مسئلن ڏانهن به سوال اٿارڻ تي اڀاريو ويو آهي.
فني نقاد، ڪوپر جونز چيو آهي ته عالمي واپار ۽ ان جي ذريعي ٿيڻ واري استحصال کي بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪيلي کان وڌيڪ ڪا سٺي علامت نه ٿي ٿي سگهي.
هن جي خيال ۾ ’ڪاميڊين’ ۾ دراصل ان رويئي تي به سوال اٿاريا ويا آهن جنهن ۾ عام سمجهيل شين جي اهميت کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.
سنڌيو ھي به آرٽ آ …. سوچيو دنيا ڪيئن پئي ترقي ڪري فن ۾ ….
تفصيل ايسوسيئيٽڊ پريس/ مواد فيس بوڪ تان ورتل