ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ختم ناهي ٿي، جڏهن ته بليڪ تي وڪرو جاري آهي، مختلف شهرن ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ان ڏس ۾ لاڙڪاڻي ۾  ڳوٺ عاقل جي آبادگارن عبدالڪريم کهڙو، نصرالل شيخ، ڪريم بخش احتجاج ڪيو. نوابشاهه ۾ جسقم پاران آصف رضا مگسي، شعبان ماٽي، سيد مسعود شاھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک ڪئي،باڊهه ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري ۽ زرعي آفيسرن ڀاڻ جي واپارين خالد حسين ساريو ۽ محمد حسين گودڙائي جي گدامن تي ڇاپو هڻي سوين يوريا ڀاڻ جون ٻوريون هٿ ڪيون. وارھ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار واپاري  گهنشام داس جي گدام تي ڇاپو هڻي 140 ٻوريون هٿ ڪري گدام سيل ڪري مٿس هڪ لک ڏنڊ لڳايو. ٻئي طرف آبادگارن پٺاڻ بلاڻي، آغا عباسي، شمن ٺوڙھياڻي چيو ته عملدارن ڇاپو هڻي سوين ٻوريون هٿ ڪري سرڪاري اگهه تي ڏيڻ بجاءِ واپارين سان ملي ڀڳت ڪري ڀاڻ سيل ڪري ڇڏيو آھي، واپاري گهنشام داس ٻڌايو ته اسسٽنٽ ڪمشنر  جي اجازت بعد ڀاڻ گهرايو ، روينيو عملدارن ڀاڻ سيل ڪري هڪ لک ڏنڊ وصول ڪري زيادتي ڪئي آھي.وارث ڏنو ماڇي ۾ آبادگارن ياسر چانڊيو، زبير کوسو احتجاج ڪيو.ڪنڊيارو ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف آل پارٽيز الائنس ۽ آبادگارن پاران ظفر کوسو، ذوالفقار ملاح، امداد ڪليري، فرحان کوسو، اصغر ڏيپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،سامارو ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي سڏ تي آبادگارن حاجي علي نواز لغاري، ولي محمد، منير بروهي، کيمچند مالهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،ڄام صاحب شھر ۾ يوريا ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر کي آبادگارن روڪي ورتو، پوليس پھچي ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، هوڏانهن آبادگارن غلام شبير، شير شر، علي خان مري، ولي محمد مري، رحيم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو،ٿاڻوبولاخان ۾ واپارين پاران  يوريا  ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو ڪرڻ بصر جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف غلام مصطفيٰ کوسو،  شاهد موسو. علي حسن گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.قاضي احمد ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ آبادگار اڳواڻ انور شاهه لڪياري، ذوالفقار ڌاريجو، ڌڻي بخش ڪلوئي، شبير چانڊيو ۽ نورالدين ماڃوٺو جي اڳواڻي ۾ اي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،مانجھند ۽ ڀرپاسي سنڌ ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل منظورآباد ۽ لاکا ۾ ملوڪ ٿيٻو، راجا حيدر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾مظاهرو ڪيو ويو.صوفي فقير ۾ آبادگارن امجد پلي، غلام فاروق، زاھد راڄڙ، غلام مجتبيٰ پلي، نبي بخش ساند ۽ ٻين احتجاج ڪيو،ڊگھڙي ۾ آبادگارن چوڌري سيف الله گل، ڪاشف اڪبر جوڻيجو، ظفرالله ٽالپر، نصير احمد رمداڻ، چوڌري نويدگل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو،جهڏو ۾ آبادگارن جليل انڙ، اياز کوسو، منظور ميمڻ، ممتاز کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،گھوٽڪي ضلعي ۾ يوريا ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف سنڌ سجاڳ نوجوان تحريڪ سنڌ پاران ميرپورماٿيلو ۾ نصرالله گڏاڻي، فرزند شاھاڻي، نعيم الله چنڙ، عمران وسير ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ قومي شاھراه تي ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو.اوٻاوڙو ۾ ڀاڻ جي کوٽ واري مسئلي جي حل لاءِ گذريل ڏينهن آبادگارن ۽ انتظاميا عملدارن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. ان دوران اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار آبادگار مطمئن نه ٿي سگھيا. ان موقعي پيپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جي سينيئر نائب صدر ۽ علائقي جي زميندار محمد يوسف ڀٽو، عبدالمجيد گرگيج، اسد علي، مرتضيٰ چاچڙ اربع تي (اڄ) ڊي سي گهوٽڪي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو.ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف چونڊڪو ۾آبادگارن پاران لياقت ڀنڀرو، خدا بخش خاصخيلي، اسلم شر، محرم سيال، ارشد ڀٽي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.سڄي سنڌ جيان سوڀوديرو ۾ به يوريا ڀاڻ جي کوٽ خلاف جمال محمود کھڙو، ڪرم سامٽيو، ڪفايت الله شيخ، زاھد سامٽيو، غلام الله لاڙڪ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ سوڀوديرو راڻي پور روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.سوئي گئس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ يوريا ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف هارين ۽ آبادگارن ممتاز علي شر، محمد صديق، عرفان علي چنا، نواز ملاح، رضا محمد شر، ظفر حيدري ۽ ٻين جي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.ملڪاڻي شريف ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ ۽ زرعي جنسن جا مناسب اگهه  نه ملڻ خلاف سنڌ آبادگار تنظيم پاران  فياض شاهه راشدي، طارق محمود آرائين،  سليم چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي  پنگريو_ جهڏو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو.