حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏنو آهي جڏهن ته هن عبدالستار ايڌي روڊ کان گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي سامهون ڦليلي ڪئنال تي پل اڏڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي پي سي ون جي ايندڙ 15 ڏينهن ۾ منظوري جي به هدايت ڪئي آهي. ڦليلي واهه تي پل جي اڏاوت تي 250 ملين رپيا خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير ٻن ڏينهن تائين حيدرآباد جي مختلف ادارن جو دورو ڪيو. هن گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ ڦليلي واهه تي پل جي تعمير واري هنڌ جو به معائنو ڪيو. اجلاس ۾ آبپاشي کاتي جو نگران وزير ايشور لال، آبپاشي کاتي جو سيڪريٽري نياز عباسي، ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي دوري دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پراڻي ڦليلي ڪئنال حيدرآباد شهر جي وچ مان گذري ٿي. شهر جي مرڪز وٽان لنگهندڙ ڪئنال جي ٻنهي پاسن کان حددخليون قائم ٿي ويون آهن جنهن سبب ڦليلي واهه نه رڳو سوڙهي ڌٻڻ بڻجي وئي آهي پر علائقي جا رهواسي به ان ۾ گندگي ۽ ڪچرو ڦٽو ڪن ٿا جنهن سبب واهه پنهنجي ڊزائين ڪيل پاڻي کي پهچائڻ ۾ ناڪام آهي. يونيورسٽي جي وائيس چانسلر وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندن يونيورسٽي ڪئنال جي کاٻي پاسي واقع آهي جنهن ۾ شهر جا هزارين شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ان ڪري ڪئنال تي پل ٺاهي وڃي ته جيئن شاگرد آساني سان يونيورسٽي پهچي سگهن. وڏي وزير کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته عبدالستار ايڌي روڊ کي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ڪاري موري سان ملائي نئين روڊ ۽ پل جي تعمير لاءِ ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو ڪيو ويو هو جنهن 250 ملين رپين جي رقم منظور ڪئي ۽ اسڪيم کي 24-2023ع جي اي ڊي پي ۾ شامل ڪيو ويو. وڏي وزير آبپاشي کاتي جي وزير کي هدايت ڪئي ته هو پي اينڊ ڊي کان اسڪيم جي منظوري وٺي ۽ ايندڙ 15 ڏينهن ۾ پل تي ڪم شروع ڪرايو وڃي. وڏي وزير جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران حيدرآباد ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.