ايڊنبرا(انٽريسٽنگ نيوز) سنگ مرمر مان ٺهيل مجسمو جيڪو 6 ڊالرن  خريد ڪيو ويو هو ۽ پوءِ در کولڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو هاڻ اهو 32 لک ڊالرن کان به وڌيڪ رقم ۾ نيلام ڪيو ويو آهي. بوچرڊون بسٽ نالي مجسمو 18 هين صدي جي شروع ۾ مشهور فرانسيسي مجسمه ساز ايڊمي بوچرڊون ٺاهيو هو اهلا اسڪاٽلينڊ جي سياستدان جان گورڊن جو مجسمو آهي جيڪو 1930 ۾ انورگورڊن ٽائون ڪائونسل خريد ڪيو هو. اهو ٽائون هال ۾ رکڻو هو پر هڪ قلعي ۾ باهه لڳڻ بعد اهو غائب ٿي ويو ۽ سالن تائين هڪ انڊسٽريل پارڪ ۾ در کولڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو ۽ 1998ع ۾ ان کي ٻيهر هٿ ڪيو ويو هو. مڪاني حڪومت ان کي نيلام ڪرڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو ۽ اجازت حاصل ڪئي. ان جا هڪ پرڏيهي شخص 32 لک ڊالر آڇيا آهن جنهن مجسمي جي هڪ معياري ڪاپي تيار ڪرائڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي. جيڪا ٽائون ڪائونسل ۾ رکي ويندي.