ممبئي(اسپورٽس نيوز) رائل چئلينجرز بنگلور جي فتح جي جشن دوران ڀاڄ کانپوءِ بنگلورو پوليس فرنچائز جي ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، رائل چئلينجرز بنگلور جي ملازمن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم ڪرناٽڪ جي وڏي وزير پاران جاري ڪيا ويا هئا.گرفتار ملازمن ۾ آر سي بي جو مارڪيٽنگ ۽ روينيو جو سربراهه شامل آهي.هندستاني ميڊيا موجب، هڪ تفريحي نيٽ ورڪ جي ٻن سينئر عملدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ، آءِ پي ايل ۾ آر سي بي جي فتح جي جشن دوران بنگلورو ۾ ڀاڄ ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا هئا.ان کان اڳ، ڪرناٽڪ جي وڏي وزير ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن کي معطل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا هئا.واقعي جي اعلي سطحي جاچ پڻ ڪئي پئي وڃي.