ڀان سيدآباد(رپورٽ: مظفر علي کوکر) ڀان سيدآباد ويجهو برماڻي برادري ديهه ڪلهوڙا ۾ زمين تي مبينا قبضي خلاف انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي پير مجيب الهق تي قبضي جو الزام هنيو. منير احمد برماڻي، جنيد برماڻي، پيربخش، نويد ۽ نثار برماڻي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پينا فليڪس ۽ بينر کڻي انڊس هاء وي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري دادو جي پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق جي زيادتن خلاف سخت نعريبازي ڪئي ،احتجاج دوران پ پ ايم پي اي پيرمجيب الحق ۽ سندس چاچي پير منور جي مبينا زيادتين خلاف ڇتي نعريبازي ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته خداآباد ويجهو ديهه ڪلهوڙا ۾ اسان جي زرعي زمين ساڍا 4 ايڪڙ آهي جنهن تي ايم پي اي پيرمجيب ۽ سندس چاچي پيرمنور قبضو ڪيو آهي ، اسان کي پنهجو حق گهرڻ لاء احتجاج ڪرڻ تي دادو پوليس ڌمڪائي پئي، اسين دادو پريس ڪلب اڳيان رٿيل پرامن احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ وڃون پيا ته دادو پوليس جي وڏن اٽالن پيرشاخ وٽ رستا روڪ ڪئي ، دادو پوليس پ پ ايم پي اي جي ونگار وهندي دادو ۽ ڀان پوليس ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي سرواڻ قادر چانڊيو، نظيرماڻي سميت 6 ماڻهو کنڀي گم ڪري ڇڏيا آهن ، انهن چيو ته زمين بہ اسان جي آهي ۽ پوليس گردي ذريعي ڌمڪايو بہ اسان کي وڃي ٿو ، جيڪا اسان سان وڏي زيادتي آهي، هنن آخر ۾ صدر آصف علي زرداري ، پ پ چئرمين بلاول ڀٽو سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاه آء جي سنڌ ۽ ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي ديهہ ڪلهوڙا ۾ زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪرايو وڃي. ان کان اڳ احتجاج لاء ويندڙ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي سرواڻ قادر چانڊيو نظير برماڻي سميت 6 ڄڻن کي دادو ۽ ڀان پوليس روڪي کين کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ، پوليس حراست ۾ ورتل ڌرتي ڌڻي تحريڪ جو سرواڻ قادر چانڊيو پوليس حراست دوران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته دادو پوليس دادو ايم پي اي جو ونگار وهندي بلا وجه اسان جي پر امن احتجاج جي قافلي جو رستا روڪ ڪري مون کي نظير برماڻي ۽ اسان جي 6 ڄڻن کي کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري رهي آهي ، خبر ناهي اسان کي ڪهڙي ٿاڻي تي وٺي ويندا ، ان چيو ته پر امن احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آهي پر دادو پوليس سياسي ڀوتارن جو ونگار وهندي اسان کي حراست ۾ وٺي کنڀي گم ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي سرواڻ قادر چانڊيو کي حراست ۾ وٺندڙ ڊي ايس پي دادو سلطان چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي مٿان کان حڪم آهي ، دادو جي امن کي خراب ڪرڻ هرگز ڪرڻ نه ڏيندا سين ، دادو پريس ڪلب ۾ اڳ ۾ ڪيتريون ئي سياسي سماجي ڌرين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺل آهن ، دادو جي امن امان ۾ خلل وجهڻ هرگز نه ڏيندا سين.