ڀان سيدآباد(رپورٽ: مظفر علي کوکر ) ڀان سيد آباد ۾ سونارڪي دڪان مان 1 ڪروڙ جو ڌاڙو هنيو ويو آهي. ان ڏس ۾ شهر جي مين روڊ تان نجي بينڪ جي سامهون ڏينهن ڏٺي جو سون جي دڪاندار غلام شبير جويو جي دڪان مان 3 نامعلوم هٿيار بندن هٿيار جي زور تي دڪاندار شبير سونارو سندن پٽ ببلو سونارو ۽ دڪان اندر بيٺل عورتن کي يرغمال بڻائي 40 لک ڪيش رقم 50 لک جو سون ڦر ڪري دڪان اندر بيٺل ماڻهن تي تشدد ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، هٿياربندن پاران سوناري غلام شبير جويو ۽ سندس پٽ محمد علي جويو سميت دڪان ۾ موجود ماڻهن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ جي ماليت جو سونا زيور ۽ روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ، متاثر دوڪاندار غلام شبير جويو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سون جي دڪان ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جو سون موجود هيو جيڪو هٿياربند کڻي ويا، مون سان ظلم ٿيو آهي سڄي عمر جي ڪمائي ڦورو ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، ٻئي پاسي ڀان شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين امداد جويو ، ديدار جويو ، بهادر جويو، گلشن ڀنڊ، سهيل ٻرڙو، صفر ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو ڪراچي روڊ مڪمل طور بند رهيو ۽ سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، اڳواڻن چيو ته ڀان شهر کي هٿ سان چورن ڦورن حوالي ڪري تباهه ڪيو پيو وڃي، شهري غير محفوظ بڻيل آهن ، ڀان شهر ۾ چوريون ڦرون ڌاڙا روز جون معمول بڻيل آهن، پوليس ڀوتارن جي ڪمداري ۾ مصروف آهي ، ڀان پوليس عوام کي تحفظ ڏيڻ بجاء ڀوتارن جي بنگلي تي ڊيوٽي ڏيئي رهي آهي. ايس ايچ او ڀان سيدآباد آغا ارسلاه پٺاڻ پوليس نفري سميت پهچي تفصيل ورتا. پوليس موجب آسپاس جي علائقن جي سي سي ٽي وي وڊيو ڪڍرائي رهيا آهيون، ڦورن خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائينداسين.
ڦورن اڌ ڪلاڪ تائين ڦر ڪئي، شهرين کي پستول ڏيکاري ڊيڄاريندا رهيا
ڀان سيدآباد: مين روڊ تي سونارڪي دڪان تان ڦر ڪندڙ ڦورو بناخوف جي شهر ۾ اڌ ڪلاڪ تائين موجود رهيا، جن پسٽل ڏيکاري شهرين ۾ خوف ڦهلايو. ٻئي پاسي معاملي جو ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا نوٽيس وٺندي پوليس جي وڏي نفري سميت ڀان سيدآباد پهچي ويو، ايس ايس پي ڄامشورو پاران متاثر دڪاندار سان ملاقات ڪري جاءِ واردات جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايس ايس پي ڄامشورو چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، پوليس جوابدارن جي پويان آهي، شهر جي اندر ڦر واقعو پيش اچڻ بعد پوليس چورن کي پڪڙڻ لاءِ ڇاپا هڻي پئي، ايس ايچ او ڀان ۽ ون فائيو انچارج کي چورن جي پويان ڇاپا هڻڻ لاءِ موڪليو آهي، ڪجهه ڦورن جي لوڪيشن ملي آهي جن کي جلد گرفتار ڪنداسين، هن دعويٰ ڪئي ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال ڪنٽرول هيٺ آهي، پوليس 24 ڪلاڪ الرٽ آهي، عوام پوليس تي اعتماد ڪري. ايس ايس پي جي پهچڻ تي شهرين گھيري ورتو، بدامني تي سخت پڇاڻو ڀان سيدآباد: ايس ايس پي جي ڀان ۾ آمد جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ شهري پڻ ڀان سيدآباد پوليس اسٽيشن تي پهچي ويا جن ايس ايس پي کان سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان جي پوليس شهر ۾ ڇاپئي ڪري، آخرڪار ڏوهاري پوليس کان آجا ڇو ٿيا آهن جو سري عام ڏوهه ڪري فرارٿي وڃن ٿا. شهرين کي ايس ايس پي مسلسل خاطري ڪرائيندورهيو.
|