ڀان سيدآباد ( ن پ ا ) ڳوٺ ڀنڀڻ جي رهواسڻ عاصمه خشڪ جي سهري عزيزالله خشڪ پريس ڪلب ڀان سيدآباد پهچي صحافين کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ معشوق خشڪ کي سندس زال عاصمه خشڪ پنهنجي چاهيندڙ طارق سان گڏجي ماريو. هن چيو ته ننهن گهر کپائي پنهنجي چاهيندڙ سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪا ڳالهه برداشت نه ڪنداسين. عاصمه کي ٻي شادي ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪري اسان کي اعتراض ناهي، پر گهر منهنجي پٽ معشوق جو آهي جيڪو کپائڻ هرگز نه ڏينداسين.