ڀان سيدآباد: ڀان سيدآباد کان ڳوٺ امام علي دل، قاسم علي برهماڻي، آمڙا، ربڏنو ڳنڀير، ڳوٺ علي حسن شاهاڻي، يوسف ٿيٻو، خيرمحمد جمالي، کڏي، مسواڻي جمالي، ننگرخان بروهي، عاربي، رمضان پنهيار، اڪتڙ، گرڪڻو، مياڻي آريسرا، سانوڻ پنهور، باغ يوسف، ڳوٺ جهيجا، ڳوٺ عبدالڪريم ملاح، سميت ٻين ڳوٺن ۾ اچ وڃ لاءِ اڃا تائين ٻيڙيون استعمال ڪيون پيون وڃن، اهڙي ريت سيوهڻ جي ٽول پلازه ڀرسان لڳل انڊس هاءِ وي روڊ کي ڪٽ واري هنڌ به ٻيڙين جي استعمال ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ڪٽ واري هنڌ تقريبن 50 کان وڌيڪ ٻيڙيون بيٺل آهن جتي ٻيڙيون هلائيندڙ مهاڻا ڪٽ ڪراس ڪرائڻ لاءِ هڪ پاسي کان 50 روپيا في ماڻهو ڪرايو وصول ڪري ماڻهن کي ڪٽ ڪراس ڪرائين ٿا.