ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد هاءِ اسڪول مان چورين ۽ استاد الهڏنو ميمڻ کان ڦر واقعي جا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، استادن پاران ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو ويو، استادن پاران گسٽا جنرل سيڪريٽري نجم الدين پنهور، نور احمد زنئور، فرحان ميمڻ، الهڏنو ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٿاڻي آڏو احتجاج ڪري بدامنيءَ خلاف نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته مختلف وقتن تي اسڪول مان 3 ڀيرا چوريون ٿي چڪيون آهن، 2 ڏينهن اڳ استاد الهڏني ميمڻ کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪيون ويون پر پوليس 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن چيو ته تعليمي ادارا ۽ استاد ڏوهارين جي ٽارگيٽ تي آهن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد چوريون ۽ ڦر واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.