ڀان سيدآباد(ن پ ا) ڀان سيدآباد شهر ۾ برهماڻي، بروهي ۽ شاهاڻي برادري وچ ۾ موٽرسائيڪل ڦرواقعي کانپوءِ تڪرار وڌي ويو آهي، جوهي موڙ وٽ شاهاڻي برادري جي 20 کان وڌيڪ ماڻهن ڏنڊا ۽ هٿيار ساڻ ڪري موٽرسائيڪلن جي مڪينڪ دوڪان تي چڙهائي ڪري مستري عمران برهماڻي تي حملو ڪري کيس گوليون ۽ ڏنڊا هڻي سخت زخمي ڪيو، جتي موجود عام ماڻهن ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن تي به حملو ڪيو ويو جنهن دوران عظيم بروهي ۽ اياز سولنگي زخمي ٿي پيا، ٽنهي زخمين کي سرڪاري اسپتال ڀان منتقل ڪيو ويو،واقعي جي اطلاع باوجود ون فائيو مددگار پوليس نه پهتي جنهن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ موجود رهي ۽ عام شهرين ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي.ان سلسلي ۾ زخمي مستري عمران برهماڻي ٻڌايو ته شاهاڻي برادري جي هٿياربندن ڪجهه وقت اڳ موٽرسائيڪل ڦر ڪئي جنهن جي رپورٽ خداآباد ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي،ڦر ثابت ٿيڻ تي شاهاڻي برادري جي ماڻهن فيصلو ڏيڻ جو چيو، ۽ فيصلي بدران دوڪان تي هٿيارن سميت چڙهائي ڪري حملو ڪيو جيڪا وڏي ناانصافي آهي، اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪن، هوڏانهن برهماڻي ۽ بروهي برادري جي 10 کان وڌيڪ ڏنڊا بردار ۽ هٿياربند ماڻهن پلاند ۾ واڙي تي ويٺل سعيد شاهاڻي تي حملو ڪيو. جنهن دوران سعيدپٽ غلام شاهاڻي زخمي ٿي پيو جنهن کي پڻ سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد منتقل ڪيو ويو. زخمي سعيد شاهاڻي ٻڌايو ته برهماڻي ۽ بروهي برادري جي 10 کان وڌيڪ ماڻهن گوليون هنيون، انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايس ايچ او ڀان سيدآباد عبداللطيف راڄپر اسپتال پهچي ٻنهي ڌرين جي زخمين جا بيان ورتا، ايس ايچ او عبداللطيف راڄپر چيو ته ٻنهي ڌرين جي هٿياربند ۽ ڏنڊا بردار ماڻهن جي ڳولا ڪريون پيا،کين گرفتار ڪيو ويندو.