ڀان سيدآباد(ن پ ا) ڀان ۾ سوناري جي دڪان مان ٿيل 1 ڪروڙ جو ڌاڙو واپس نه ٿي سگھيو آهي، جنهن خلاف دڪاندارن احتجاج ڪندي شٽربند هڙتال جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ سونارن ديدار جويو ، بهادر جويو ممتاز جويو ۽ شهر جي سمورا سونارا پنهجا دڪان گذريل ٽن ڏينهن کان پنهنجا دڪان بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري پنهنجي دڪانن اڳيان بيهي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته ڀان شهر مان شريف شهري غلام شبير جويو کان 3 نامعلوم هٿيار بندن هٿيارن جي زور تي دڪان اندر داخل ٿي غلام شبير جويو سندن پٽ ببلو جويو ۽ دڪان اندر بيٺل عورتن کي يرغمال بڻائي هڪ ڪروڙ جي ماليت سونا زيور روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، پر افسوس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود هن مهل تائين ڪو ڏوهاري گرفتار نائي ڪيو ويو، پوليس ڪوڙا دلاسا ڏيڻ ۾ پورو آهي، هنن چيو ته سي ايم سنڌ جي اباڻو شهر ڦورن جي حوالي ٿيل آهي، گذريل 50 سالن کان ٿيل محنت جي ڪمائي ڦورو ڦر ڪري ويا، هي ڌاڙو غلام شبير جويو کان نه پر سي ايم سنڌ کان آهي، سي ايم جي چونڊ تڪ جا سونارا غير محفوظ بڻيل آهن، اسين سدائين پ پ کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرايو آهي، اڄ سيد مراد علي شاهه جيڪڏهن سي ايم جي ڪرسي تي آهي ته اسان جي ووٽن خاطر آهي، پر افسوس اڄ سندن ووٽر بي يارو مددگار بڻيل آهن، جيڪا اسان سونارن سان وڏي ناانصافي آهي، انهن آخر ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ حيدرآباد، ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته غلام شبير جويو کان ڦر ٿيل سونا زيور روڪ رقم واپس ڪرائي جوبدارن کي گرفتار ڪري ڪيفر قردار تائين پهچائي نااهل ايس ايچ او ڀان کي هٽائي سندن جاءِ تي ايماندار ۽ محنت ڪش آفيسر مقرر ڪري اسان سونارن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڀان شهر ۾ ٻيهر شٽر بند هڙتال ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.