ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آصف علي ميمڻ ) سنڌ اندر ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندڙ زراعت کي تباهه ڪرڻ لاءِ زرعي ڀاڻ کي مارڪيٽ مان غائب ڪرڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، واپارين پاران من پسند اگهن تي ڀاڻ وڪرو ڪيو پيو وڃي، جن خلاف ضلعي انتظاميه توڙي زراعت کاتي طرفان ايڪشن ناهي کنيو ويو. آبادگار ذوالفقار مينگل، احتشام حسين ميمڻ، فيضان بلوچ، سمير ڀنڊ جو چوڻ هو ته زرعي ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي. ڦٽين توڙي مرچن جا اگهه گهٽ ملڻ سبب فصل تي ٿيندڙ خرچ به پورو نه ٿو ٿئي، نوٽيس وٺي ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو علي ذوالفقار ميمڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي اندر زرعي ڀاڻ جو ذخير ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪنداسين، جيڪو به واپاري سرڪاري ريٽ کان وڌيڪ اگهه تي زرعي ڀاڻ وڪرو ڪندو ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، ڀاڻ اسٽاڪ ڪري بليڪ تي وڪرو ڪندو ان جي خلاف ڪاروائي ٿيندي.