ڀان سيدآباد(ن پ ا) ڀان سيدآباد ٽائون انتظاميا جي سنگين غفلت سبب 3 سالن جي گلن جهڙي معصوم ٻارڙي گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، شهيد ڪالونيءَ ۾ 3 ورهين جي سُمن ڌيءَ بلاول ابڙو کليل گٽر نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، نيينگري شيءِ وٺڻ لاءِ گهران نڪتي ته خطرناڪ کليل گٽر نالي ۾ ڪري پئي، ٻن ڪلاڪن تائين وارث نينگري کي ڳوليندا رهيا، ٻن ڪلاڪن کانپوءِ ٻارڙيءَ جو لاش هٿ آيو، معصوم ٻارڙيءَ جو لاش گهر آڻڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ امڙ کي بيهوشيءَ جا دورا پوندا رهيا، نينگريءَ جي والد بلاول ابڙو، چاچي سجاول ابڙو دانهيندي ٻڌايو ته اسان جي ڪالونيءَ اهڙا ڪيترائي خطرناڪ کليل گٽر نالا آهن، جيڪي ڪنهن به وقت معصوم ٻارڙن جون جانيون ڳڙڪائي سگهن ٿا، ڀان سيدآباد ٽائون انتظاميا 15 سالن کان انهن گٽر نالن جي ڪا صفائي ناهي ڪرائي ۽ نه ئي اهڙن خطرناڪ کليل گٽر نالن کي ڍڪين ٿا، اسان ڪيئي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ڪنهن به نه ٻڌي، نتيجي ۾ اڄ اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، جنهن جي ذميوار ٽائون انتظاميا آهي، ٻئي طرف ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو واقعي کي افسوسناڪ ڪوٺيندي ٽائون انتظاميا کي ذميوار قرار ڏنو آهي، صحافين سان ڳالهائيندي روشن علي ٻرڙو چيو ته ٽائون ڪاميٽين جا ڪروڙين رپين جا فنڊ حڪمران ڌر جي سياسي بنگلن تي خرچ ٿين ٿا، نتيجي ۾ ترقياتي ڪم صرف ڪاغذن ۾ آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي تڪ ۾ معصوم ٻارڙا انتظامي غفلت سبب موت جي منهن ۾ وڃي رهيا آهن پر ڪرپٽ آفيسرن کي ڪابه پرواهه ناهي، اسين سمجهون ٿا ته واقعي جو ذميوار ٽائون چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر آهي، ٻارڙيءَ جا وارث قانوني ڪارروائي ڪرائڻ چاهيندا ته اسين سندن قانوني مدد ڪندي کين وڪيل فراهم ڪنداسين.