ڀان سيدآباد(ن پ ا) ڀان سيدآباد باءِ پاس روڊ تي پوليس موبائل جي ٽڪر  ۾ 2  نوجوان فوت ٿي ويا، انڊس هاءِ وي روڊ تي گرڊ اسٽيشن موڙ وٽ تيز رفتار پوليس موبائل موٽرسائيڪل سوار سان ٽڪرائجي وئي، حادثي سبب موٽرسائيڪل سوار نوجوان علي بهار شاهاڻي ۽ علي نواز برهماڻي موقعي تي فوت ٿي ويا، موٽرسائيڪل سوار ٻئي نوجوان چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، ٻنهي نوجوانن جا لاش سرڪاري اسپتال ڀان سيدآباد منتقل ڪيا ويا. پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، اطلاع تي ڀان سيدآباد پوليس پهچي پوليس موبائل کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ فوتي نوجوانن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، موقعي تي موجود اکين ڏٺن شاهدن مطابق پوليس موبائيل لاڙڪاڻي طرف ڪنهن وي آءِ پي شخصيت جي اسڪواڊ ۾ وڃي رهي هئي ته حادثوپيش آيو. حادثي کانپوءِ پوليس موبائيل ڊرائيور فرارٿي ويو، جڏهن ته پوليس موبائيل کي ڀان پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.