ڀان سيدآباد(ن پ ا) ڀان سيدآباد جي تاريخ جي وڏي واردات سوناري جي دڪان کي لڳل سوا 2 ڪروڙ جو ڌاڙو واپس نه ٿيو، صرافه يونين ايس ايس پي جي پريس ڪانفرنس رد ڪري ڇڏي، ڌاڙي جو متاثر بزرگ واپاري وڏي وزير کي جهولي جهلي انصاف جي اپيل ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو، مهينو اڳ ڀان سيدآباد وچ شهر مان غلام شبير جويو جي سونارڪي دڪان مان هٿياربندن پاران مبينا طور سوا 2 ڪروڙ ماليت جو ڌاڙو اڃا تائين واپس نه ٿي سگهيو آهي، اها واردات ڀان سيدآباد جي ويجهي تاريخ جي وڏي ڏوهي واردات قرار ڏني پئي وڃي، هڪ ڏينهن اڳ ايس ايس پي ڄامشورو ظفر صديق ڇانگا غلام شبير جويي جي سونارڪي دڪان ۾ ڌاڙي جا 3 جوابدار گرفتار ڪري 16 لک رپيا هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، متاثر واپاري ڌر پوليس کان 16 لک وٺڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته اسان جو ڌاڙو سوا 2 ڪروڙ جو آهي، ان سلسلي ۾ متاثر واپاري غلام شبير جويو، صرافه يونين اڳواڻ ديدار علي جويو، بهادر جويو، محمد علي جويو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسين پهرئين ڏينهن کان ايس ايس پي سان رابطي ۾ آهيون، ايس ايس پي توڙي انسپيڪٽر بينظير جمالي جي اڳواڻي ۾ جوڙيل پوليس جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم کي انگ اکر به ڏناسين، ايس ايس پي پريس ڪانفرنس ۾ غلط بياني ڪئي ته اسان ساڻس تعاون ناهي ڪيو، ايس ايس پي جي ڪوڙ تي ٻڌل پريس ڪانفرنس رد ڪريون ٿا، هنن چيو ته اسان جو 55 کان 60 تولا سون، 24 لک رپيا روڪ، آءِ فون ۽ هڪ ٻي فون ڦر ڪئي وئي، ڌاڙو هڻندڙ ڪائونٽر تي گراهڪ جا پيل 3 تولا سون به کڻي ويا، ڌاڙي جي ڪُل ماليت 2 ڪروڙ کان مٿي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته پوليس مسلسل اسان کي ڏٽا ڏيندي رهي، 2 ڏينهن اڳ اسان کي ايس ايس پي سيوهڻ گهرايو ۽ چيو ته توهان جي 60 کان 70 لک ڦر ٿي آهي، اسان جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، انهن وٽان 16 لک برآمد ٿيا آهن، هنن چيو ته افسوس جو ايس ايس پي ڦورن جي 16 لکن جي ڳالهه کي درست سمجهي ٿو ۽ اسان جي 24 لک رپين جي ڳالهه کي ڪوڙ قرار ڏئي ٿو، عام طور تي گرفتار جوابدارن وٽان ڌاڙي جو سامان واپس ٿيندو آهي پر اهو پهريون دفعو ٿيو آهي جو ڌاڙو هنيل سامان واپس ناهي ٿيو پر رقم واپس ٿي آهي، ڌاڙي جي متاثر بزرگ واپاري غلام شبير جويو لڙڪ لاڙيندي چيو ته اسين غريب آهيون، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي جهولي جهلي عرض ٿو ڪريان ته خدارا اسان سان انصاف ڪيو وڃي.