ڀان سيدآباد ڀرسان سم نالي کي لڳل گھارن جي ٻوڙان ٻوڙ جاري، ٽلٽي کي گھيرو

0
156

ڀان سيدآباد: منڇر جو پاڻي ٽڪرائڻ بعد ڀان سيد آباد ڀرسان سِم نالي کي لڳل گهارن جي ٻوڙان ٻوڙ جاري، پاڻي قديمي شهر ٽلٽي کي چوڌاري گهيري ورتو، سوين ڳوٺ ٻڏي ويا، ڳوٺ مهر وٽ سِم نالي کي لڳل گهارو وڌي 100 فُٽ ٿي ويو آھي

ڀان سيد آباد شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند ٻڌڻ جو ڪم تيز، ڊي سي ڄامشورو جي الرٽ بعد شهر مان لڏپلاڻ جاري آھي، انتظاميا شهرين جي لڏپلاڻ جو ڪوبه انتظام نه ڪيو

منڇر کي مختلف هنڌن تي ڏنل ڪٽ ۽ بند کي گهارن جي پاڻي سيوهڻ تعلقي جي 7 يوسيز ۾ تباهي مچائي ڇڏي، هزارين متاثر محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لاءِ پريشان، دانستر واهه وٽ آرمي جي ٽيمن طرفان ٻيڙين ذريعي ريسڪيو آپريشن جاري آھي

ھي به پڙھندا

ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

اڪري چودڳي: بااثرن فيض گنج واهه کي مبينا طور ڪٽ ڏئي ڇڏيو