ڀان سيد آباد(رپورٽ: مظفر کوکر ) ڀانن جي مشهور سوناري شبير جويو جي دڪان تان ڏينهن ڏٺي ڦر ٿيل سون ۽ رقم واپس نه ٿيڻ خلاف جيولري جي دڪاندارن ۽ شهرين پاران احتجاج  طور شٽربند هڙتال سبب شهر جون مک بازارون بند ٿي ويون، ڪاروبار بند رهيو، هڙتال سبب شهر جا اهم ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بندٿي ويا، جن ۾ شاهي بازار، مين دعا چونڪ، ريشم گلي، سونارا بازار سميت سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. شهرين ۽ جويا برادري صرافو تنظيم طرفان احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي ويندي.3 اپريل تي سوناري غلام شبير جويو کان ڦر ٿي، هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس صرف ٺلها  دلاسا پئي ڏئي، صرافا يونين جو اڳواڻ  ديدار جوي چيو ته غلام شبيرجويو کان 24 لک رپيا روڪ ۽ 55 کان 60 تولا سون، هڪ آء فون موبائيل ۽ هڪ عام موبائيل ڦرٿي پر پوليس واقعي کي صحيح تسليم به نه ٿي ڪري ڪجهه ڏينهن اڳ ڀان سيدآباد ۾ ايس ايس پي ڄامشورو پريس ڪانفرنس ڪندي 3 ڏوهارين جي گرفتاري ظاهر ڪئي پر اسان جي رڪوري صرف 16 لک روپيا ڏيکاري جيڪا ناانصافي آهي، وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه سان ملاقات ڪري کيس پڻ واقعي بابت آگاهي ڏني، وئي هئي  وڏي وزير موقعي تي ئي ايس ايس پي ڄامشورو کي رڪوري ڪرائڻ جون سختي سان هدايتون ڏنيون، پر ايس ايس پي رڪوري نه پيو ڪرائي ۽ جوابدار به سندس پهچ کان ٻاهر آهن، اڄ شٽربند هڙتال ۽ پرامن احتجاج جو مقصد اسان سان ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪرڻ آهي وڏو وزير مرادعلي شاه نوٽيس وٺي انصاف ڏياري ٻي صورت اسان انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪنداسين پوء جيڪو ٿيو ڏٺو ويندو پنهنجي حق لاءِ اسان انتهائي قدم کڻنداسين جنهنجي ذميواري ضلع پوليس جي هوندي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ايس ايس پي ڄامشورو کي مخاطب ٿي چئون ٿا ته وقت وري به آهي، ڦر ٿيل سون ۽ رقم واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪرائي وڃي.