اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪ فضائيه ڀارت جي رافيل جهازن تي تڪبر کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ ڀارتي جهازن کي ڪيرائي قوم جو ڪنڌ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ اسان تحمل جو مظاهرو ڪيو نه ته پاڪ فضائيه کي اجازت هجي ها ته 5 نه پر 10 کان 12 جهاز ڪرن ها. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته 22 اپريل تي جڏهن پهلگام جو واقعو ٿيو، ان بعد ڀارت اٽاري بارڊر بند ڪيو، سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو، قومي سلامتي فيصلو ڪيو ته ڀارت جهڙو قدم کڻندو تهڙو جواب ڏنو ويندو، اسان جاچ جي آڇ به ڪئي، دنيا کي آگاهه ڪيو، اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ۽ ڀارتي ايئرفورس وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين مقابلو جاري رهيو، اِتي به پاڪستان صبر جو مظاهرو ڪيو. ايئرفورس کي واضع هدايت ڏني وئي ته صرف انهن جهازن کي نشانو بڻائڻو آهي جيڪي پي لوڊ اڇلائي رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت طرفان پاڪستان تي 6 جڳهن تي 24 حملا ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 26 شهري شهيد ٿيا ۽ 46 زخمي ٿيا، جڏهن ته اسان جي نيلم جهلم هائڊرو پاور منصوبي کي نشانو بڻايو ويو، جيڪو عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، اِن حوالي سان عالمي قانون موجود آهن ته جنگ جي حالت ۾ به پاڻي جي منصوبن کي ٽارگيٽ نٿو ڪري سگهجي.