ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ۾ شيڊول ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي سيڪورٽي مٿي جو سور بڻجي وئي آهي ۽ سيڪورٽي جي ڪري هڪ ڀيرو وري ميچن جو شيڊول متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. جنهن ڪري شيڊول تبديل ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي هڪ ڀيرو وري شيڊول تبديل ڪرڻ جو چيو ويو آهي. شيڊول تي حيدرآباد دکن جي پوليس خدشا ظاهر ڪيا آهن ۽ حيدرآباد ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن خدشن کان بورڊ کي آگاهه ڪيو آهي. لاڳيتو ٻه ڏينهن ميچون رکڻ تي اعتراض واريو ويو آهي. راجيو گانڌي اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ 9 آڪٽوبر تي نيوزيلينڊ ۽ نيڌرلينڊ ۽ 10 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ سري لنڪا جون ميچون شيڊول آهن. حيدرآباد پوليس پاڪ سريلنڪا ميچ تي خاص طور تي خدشا ظاهر ڪيا آهن.