مڌيا پرديش (م ڊ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ هندو انتهاپسند عورتن ڪتاب کپائيندڙ مسلمان نوجوان تي چماٽن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. سوشل ميڊيا تي متحرڪ رهندڙ اشوڪ سوين وڊيو شيئر ڪندي ڪيپشن لکيو ته انتهاپسند عورتن ڪتاب کپائيندڙ مسلمان نوجوان تي بي دردي سان تشدد ڪيو. اشوڪ سوين موجب عورتن الزام هنيو ته ڪتاب کپائيندڙ نوجوان هوم ڊليوري لاءِ گراهڪ کان گهر جو پتو پڇيو آهي. هن ان کي مسلمانن تي تشدد ڪرڻ لاءِ هڪ نئين بهاني جي ايجاد قرار ڏنو.