تلام(م ڊ) ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي اسيمبلي جي چونڊ کٽڻ لاءِ ڪانگريس اڳواڻ پارس سڪليچا پينو فقير کان ڪُٽڪو آشيرواد حاصل ڪيو جنهن جي وڊيو وارئل ٿي وئي آهي. تلام شهر ۾ ڪانگريس اڳواڻ جي اها وڊيو پولنگ ختم ٿيڻ بعد وائرل ٿي آهي. هو 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊ هارائي چڪو آهي جنهن ڪري هن پينو فقير کان چپل جي ڪٽڪي وارو آشيرواد حاصل ڪيو. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روڊ ڪناري ويٺل ڪراڙو فقير لاءِ ڪانگريس اڳواڻ چپل جو جوڙو آڻي ٿو جنهن تي کيس فقير ڪيتريون ئي چپلون هڻي آشيرواد ڏئي ٿو.