ڪنئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ چونڊن جي ڇهين مرحلي ۾ ڪالهه ووٽ وڌا ويا جنهن سان ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿي ويو آهي نتيجا 4 جون تي جاري ڪيا ويندا. نريندر مودي جي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جا واضح امڪان آهن ۽ سندس اتحاد کي 367 سيٽون ملڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ لاءِ 272 سيٽن جي ضرورت هوندي آهي. ايگزٽ پول جي نتيجن موجب نريندر مودي جي اتحاد کي وري حڪومت ملندي ۽ هو جواهر لعل نهرو کانپوءِ ٻيو اڳواڻ هوندو جيڪو ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيندو. ڪانگريس جي اتحاد انڊيا کا 118 کان 133 ۽ ٻين پارٽين کي 43 کان 48 سيٽون ملي سگهن ٿيون. ايگزٽ پول موجب بي جي پي ڪيترين ئي رياستن ۾ مخالفن کان اڳتي آهي جن ۾ گجرات، تلنگانا، ڪرناٽڪ، دهلي، اڙيسا، آنڌرا پرديش، اتر پرديش، ڇتيس ڳڙهه شامل آهن جڏهن ته ڪانگريس کي پنجاب، مهاراشٽر، بهار، تامل ناڊو،  ۽ ڪيرالا ۾ برتري ملي سگهي ٿي. نريندر مودي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.