نئين دهلي ( دلچسپ نيوز) ڀارت ۾ ڀولڙن ذريعي ڦرلٽ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت جي راڄڌاني واري شهر نئين دهلي ۾ اڄڪلهه ماڻهن کان ڦرلٽ جا نوان نوان طريقا ڳوليا پيا وڃن، انهن ۾ هڪ نئون طريقو شهرين لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻجي ويو آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين دهلي پوليس کي شڪايتون مليون آهن ته ڪجهه ڦورو ڀولڙن ذريعي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن، اهي ڦورو اوچتو رڪشائن ۽ ٻين مسافر گاڏين ۾ سوار ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ پنهنجن ڀولڙن جي مدد سان ماڻهن کي حراسان ڪري پيسا وٺي لهي وڃن ٿا. هڪ وڪيل پوليس اسٽيشن ۾ رپورٽ داخل ڪرائي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته هو هڪ رڪشا ۾ سوار ٿيو ته ڪجهه فاصلي تي 2 ماڻهو چڙهي آيا ۽ انهن ڀولڙا ڇڏي نه رڳو حراسان/ڏسو صفحو 8 بقايا 01
ڪيو پر کائنس روڪ رقم، موبائل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري لهي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته هو انهن ڦورن خلاف جلد ئي ڪريڪ ڊائون شروع ڪري رهي آهي.