ممبئي (شوبز نيوز) مشهور پنجابي گلوڪار ۽ اداڪار دلجيت دوسانجهه پنهنجي نئين فلم “پنجاب 95” جي ڊگهي انتظار بعد ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو آهي، ٽيزر سان گڏ دلجيت پنهنجي سوشل ميڊيا تي لکيو: “پوري فلم، بنا ڪٽ جي” ۽ گڏوگڏ هيش ٽيگ #ChallengeTheDarkness جو استعمال ڪيو، “پنجاب 95” سک حقن جي سرگرم ڪارڪن جسونت سنگهه کالرا جي زندگي تي ٻڌل آهي، جنهن پنجاب پوليس هٿان ٿيل 25000 کان وڌيڪ غير قانوني قتل، گمشدگين ۽ ڳجهي طور ساڙڻ جي ڪيسز کي بي نقاب ڪيو، فلم ۾ دلجيت کالرا جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو انصاف لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجهي انهن گمشدگين جا ثبوت گڏ ڪري ٿو، فلم کي رليز ۾ ڪيترين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، خاص طور تي سينٽرل بورڊ آف فلم سرٽيفڪيشن (CBFC) طرفان مبينا طور 120 ڪٽ لڳائڻ جي سفارش سبب، جڏهن ته فلم جي هڪ نجي اسڪريننگ ۾ کالرا جي خاندان ان کي منظوري ڏئي ڇڏي.