ڪراچي(م ڊ) انڊيا ۾ وزيراعظم شهباز شريف جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا، آفيشل يوٽيوب چينل ۽ انسٽاگرام به شامل آهن، آءِ ايس پي آر جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس به بلاڪ ڪيا ويا. ان کان اڳ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ اداڪارن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا هئا.