ٺٽو ( رپورت : اسماعيل ميمڻ ) ڪيترن ئي سالن کان ڀارتي جيلن ۾ قيد ڪاٽيندڙ ملير ،  سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي 21 مهاڻن جي ڀارت پاران خير سگالي بنيادن تي آزاد ڪرڻ تي مهاڻن جي وارثن جي چهرن تي خوشي وچان مرڪون موٽي آيون آهن ان ڏس ۾ گذريل ڪيترن سالن کان ملڪي سمنڊ جي حدن ۾ مڇي جي شڪار دوران ڀارتي نيوي هٿان ملير ، سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي گرفتار ڪيل 21 مهاڻن کي ڀارت پاران خير سگالي جي بنيادن تي آزاد ڪيو ويو آهي جڏهن ته آزادي ماڻيندڙ مهاڻن ۾سالن کان ڀارتي جيلن ۾قيد ڪاٽيندڙ سجاول ضِلعي جي جاتي ۽ شاهبندر تعلقي جي 8 مهاڻن عبدالمناف ٿهيم ، شير علي سونارو ، آچار ملاح ، قاسم ملاح ، سليم ٻهريو ، احمد جت ، اقبال ٿهيمور ، بخش ٿهيمور ۽ ٺٽي ضلعي جي تعلقي ڪيٽي جي جنگيسر واسي مجيد سولنگي سميت 9 مهاڻن کي ڀارتي جيلن مان آزادي ماڻيندڙ شامل آهن جڏهن ته ڀارتي جيلن مان ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي 9 مهاڻن جي قيد مان آزادي ماڻڻ جي فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ گلاب شاھ پڻ تصديق ڪندي چيو آهي ته ڀارتي جيلن ۾ قيد ڪاٽيندڙ مهاڻن مان ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي 9 مهاڻن کي ڀارت پاران خير سگالي جي بنياد تي آزاد ڪيو ويو آهي ۽ انهن آزاد ڪيل پاڪستاني مهاڻن کي ڀارتي اختيارين پاران واگها بارڊر تي پاڪستاني اختيارين حوالي ڪيو ويندو.هوڏانهن سالن کان ڀارتي جيلن ۾ قيد ڪاٽيندڙ ٺٽي سجاول ضلعن جي 9 مهاڻن جي آزادي واري خبر ملڻ تي مهاڻن جي وارثن ۾ خوشي واري لهر ڇانئجي وئي آهي ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينٽر سسئي پليجو پڻ ڀارتي جيلن مانپاڪستان جي 21 قيدي مهاڻن جي ڀارت پاران خير سگالي جي بنياد آزاد مهاڻن جي آزادي مهاڻن جي گھر ڀاتين مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته آزادي ماڻيندڙ مهاڻن ۾ 9 مهاڻا ٺٽي ۽ سجاول جا آهن جن جا گھر ڀاتي گھڻي عرصي کان سندن آزادي جا منتظر هئا هن چيو ته مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويندڙ مھاڻن کي گرفتار ڪرڻ وارو عمل ڀارتي جارحيت آھي جنهن جي مذمت جيتري ڪجي اھا گھٽ آھي جڏهن ته هن اهو به چيو آهي ته پ پ سدائين ماھيگيرن جي فلاح ۽ بھبود لاءِ ڪم ڪيو آھي ۽ آزدي ماڻيندڙ ماھيگيرن کي ديس واپسي تي هوءَ ڀليڪار چوي ٿي جڏهن ته اڃان ڀي ڪيترائي مهاڻا ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن انهن جي آزادي لاءِ پڻ هوءَ پر اميد آهي.