اتر پرديش (م ڊ) ڀارتي رياست اترپرديش ۾ هندو ڇوڪريءَ سان پسند جي شادي ڪندڙ مسلمان نوجوان جي والدين کي قتل ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب شوڪت عباس نالي نوجوان هندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ قتل جي ڊپ  کان جوڙو فرار ٿي ويو هو، جنهن تي نوجوان شوڪت جي پيرسن والدين کي بي رحماڻو تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. رياست اترپرديش جي علائقي سيتاپور ۾ پاڙيسرين پيرسن جوڙي کي تشدد جو نشانو بڻايو. نوجوان ان ئي پاڙي ۾ رهندڙ هندو ڇوڪري روبي سان شادي ڪئي هئي. 2020ع ۾ ٻنهي نڪاح ڪيو ۽ گھر ڇڏي هليا ويا هئا ڇوڪريءَ جي عمر گھٽ هجڻ ڪري پوليس شوڪت کي گرفتار ڪيو ۽ ٻن سالن بعد کس آزاد ڪيو ويو هو.