ممبئي(م ڊ) اسڪول جي ماسترياڻي لفٽ جي دروازي ۾ ڦاسڻ سبب فوت ٿي وئي. ڀارتي شهر ممبئي ۾ ماسترياڻي سان ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو ۽ هوءَ اسڪول جي لفٽ جي دروازي ۾ ڦاسڻ سبب فوت ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب 26 ورهين جي ماسترياڻي جينيل فرنينڊس ڇهه ماڙ کان ٻه ماڙ تي قائم اسٽاف روم ۾ وڃڻ لاءِ لفٽ استعمال ڪري رهي هئي ته لفٽ جو دروازو بند ٿي ويو ۽ هوءَ دروازي جي وچ ۾ ڦاسي پئي. پوليس موجب واقعي جي جاچ دوران اسڪول انتظاميا پاران ٻڌايو ويو آهي ته ساٿي استادن ماسترياڻي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي کيس ٻاهر ته ڪڍيو پر هوءَ سخت زخمي ٿي پئي. انتظاميا پاران ماسترياڻي کي فوري طور طبي امداد لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.