جئه پور (انٽريسٽنگ نيوز) ڀارتي رياست راجستان ۾ جنازي مان زنده ٿي ويل شخص جو موت هڪ ڏينهن بعد جئه پور جي اسپتال ۾ علاج دوران ٿي ويو، ميڊيا رپورٽس موجب ان واقعي کي وٺي ٽن ڊاڪٽرن کي معطل ڪيو ويو، جن ان شخص کي مرده قرار ڏنو هيو ۽ ان کي مرده خاني پوءِ شمشان گهاٽ اماڻيو هيو، 25 سالن جي گونگي ٻوڙي نوجوان روهتاش کي جهنجهنو ضلعي جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال ۾ علاج لاءِ آندو ويو، پر اتي جي ڊاڪٽرن لڳ ڀڳ 2 وڳي کيس مرده قرار ڏنو، ان کانپوءِ روهتاش جي لاش کي مرده خاني جي ڊيپ فريزر ۾ ٻن ڪلاڪن تائين رکيو ويو، ڪجهه دير بعد ايمبولنس جي مدد سان لاش کي قبرستان آندو ويو، جتي شام لڳ ڀڳ پنج وڳي سندس آخري رسمون ادا ڪيون پئي ويون ته اوچتو سندس جسم ۾ چرپر ٿي ۽ روهتاش ساهه کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ اهو به جنازي جي چتا کي ساڙڻ کان ڪجهه ئي گهڙيون پهرين.