لکنئو(انٽريسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ پي ڪي فلم جو سين حقيقت بڻجي ويو، مندر جي چندي واري پيتي ۾ ڪريل شهري جي آءِ فون ڀڳوان جي ملڪيت قرار ڏني وئي، ڀارت ۾ شهري جي لاپرواهي کيس مهانگي پئجي وئي آهي. ڀارتي رياست تامل ناڊو جي هڪ مندر ۾ هڪ شخص جو آءِ فون حادثاتي طور مندر جي چندي واري پيتي ۾ ڪري پيو. ڀارتي ميڊيا موجب شهري کي ڪڏهن به پنهنجو فون واپس نه ملندو. رياست جي اوقاف کاتي شهري جي فون واپس ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي چيو آهي ته اها هاڻي مندر جي ملڪيت بڻجي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب اختيارين چيو آهي ته ڊونيشن باڪس جي قانون موجب جيڪا به شيءِ ڊونيشن باڪس ۾ وڃي ٿي اها ان جي مالڪ کي واپس نٿي ڪري سگهجي. مندر جي عملدارن جو چوڻ آهي ته فون عطيي طور ورتو ويو آهي، فون جو مالڪ صرف ڊيٽا واپس وٺي سگهي ٿو. ياد رهي ته 2014ع جي فلم پي ڪي ۾ ب هڪ اهڙوئي سين هو جنهن ۾ رپورٽر (انوشڪا شرما) پنهنجو پرس چندي جي پيتي ۾ وجهي ٿي ته مندر جي انتظاميا هو واپس نه ٿي ڪري ۽ پئسا ڪڍي وٺي ٿي ته هي هاڻ چندي ۾ ويندا.