اُجين (م ڊ) ڀارت ۾ ڏينهن ڌٺي عورت سان روڊ تي زيادتي ڪئي وئي، ان موقعي تي موجود ماڻهو بچائڻ بدران وڊيو ٺاهيندا رهيا. ڀارتي ميڊيا موجب رياست مڌيا پرديش جي شهر اُجين جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جتي هڪ شخص روڊ جي ڪناري تي هڪ عورت سان مبينا طور زيادتي ڪئي. واقعي جو سڀ کان ڳڻتي جوڳو پهلو اهو هو ته ڏينهن ڏٺي روڊ ڪناري تي ٿيندڙ هن واقعي دوران ماڻهوز يادتي ڪندڙ جوابدار کي روڪڻ بدران ان جي وڊيو ٺاهيندا رهيا. پوليس موجب جوابدار ۽ وڊيو ٺاهيندڙ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اپوزيشن جماعت ڪانگريس حڪمران جماعت بي جي پي کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيوآهي ته مڌيا پرديش عورتن جي روپ، اغوا ۽ ظلمن تي پهريون نمبر آهي.