ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار رتيش ديشمک جي فلم ”راجا شيواجي“ جي شوٽنگ دوران ڊانسر درياءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب مراٺي فلم ”راجا شيواجي“ جي شوٽنگ دوران افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 26 ورهين جو ڊانسر سورڀ شرما ستارا درياءَ ۾ وهنجندي ٻڏي ويو. پوليس موجب ٻڏي ويل ڊانسر جو لاش ٻن ڏينهن کانپوءِ هٿ آيو، اهو واقعو اڱاري ڏينهن فلم جي شوٽنگ کانپوءِ ان وقت پيش آيو، جڏهن ڪجهه فنڪار ويجهي درياءَ ۾ وهنجڻ ويا.