اسلام آباد(بيورو رپورٽ) واپار وزارت هڪ اهم قدم کڻندي چيو آهي ته ڀارتي شيون هاڻ پاڪستان جي زميني، فضائي يا سامونڊي رستن تان نه گذري سگهنديون. امپورٽ ايڪسپورٽ ايڪٽ 1950تحت ايس آر او جاري ڪيو ويو آهي. قومي سلامتي ۽ عوامي مفاد جي پيش نظر، ڀارت ۾ تيار ڪيل شين جي پاڪستاني سرحدن مان آمد و رفت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، پاڪستان ڀارت ۾ تيار ڪيل شين جي ٽئين ملڪن ذريعي سمنڊ، زميني يا فضائي رستي پاڪستان مان گذرندڙ برآمدات تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ڀارتي برآمدات، درآمدات تي حڪم لاڳو نه ٿيندا. جن لاءِ بل آف ليڊنگ (B/L) يا ليٽر آف ڪريڊٽ (L/C) 4 مئي کان اڳ جاري يا قائم ڪيا ويا هجن. پاڪستان پنهنجون سڀ حدون، زميني، فضائي ۽ سامونڊي،ڀارتي درآمدات ۽ برآمدات لاءِ بند ڪري ڇڏيون آهن.