نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي ميڊيا موجب اترپرديش رياست جي ضلعي ڪانوج واسي بٺي مزدور آهي جنهن جي بينڪ اڪائونٽ ۾ غير معمولي تبديلي هن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو. ڀاري لال پنهنجي بينڪ اڪائونٽ مان 100 رپيا ڪڍيا ته کيس بينڪ طرفان ايس ايم ايس آيو جيڪو ڏسي هو حيران ٿي ويو. 8 سئو رپيا روزاني ڪمائيندڙ ڀاري لال جي اڪائونٽ ۾ اربين رپيا موجود هئا جنهن کي ڏسي اهو پريشان ٿيو ۽ لاڳيتو بينڪ جا چڪر لڳايا جنٿهن تي بينڪ هن کي اسٽيٽمينٽ ڪڍي ڏنو. اسٽيٽمينٽ موجب ڀاري لال جي اڪائونٽ ۾ اربين رپيا هئا جنهن کي ڏسي اهو انتهائي خوش ٿي ويو. بهاري لال ٻڌايو ته اهو سڀ ڏسي هن هڪ ڀيرو وري پنهنجو اڪائونٽ چيڪ ڪيو جنهن کانپوءِ صرف اڪائونٽ ۾ 126 رپيا موجود هئا. ان معاملي تي بينڪ انتظاميا ٻڌايو ته بينڪ جي غلطي هئي جنهن سبب اربين رپيا بهاري لال جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ٿي ويا هئا جنهن جي نشاندهي کانپوءِ واپس ورتا ويا.