اسلام آباد/نئين دهلي(بيورو رپورٽ+م ڊ) ڀارتي اڳرائي جي جواب ۾ پاڪستان جو آپريشن بُنيان مُرصوص 12 ڪلاڪن بعد مڪمل ٿي ويو، ڀارت جا پٺاڻ ڪوٽ، آدم پور، اڌم پور، سورت ڳڙهه ايئربيس، ڪيتريون ئي ايئر فيلڊز ۽ ايس 400 دفاعي نظام تباهه، عسڪري سيٽلائيٽ به جام، ڀارتي فوج به 26 فوجي هوائي اڏن ۽ هٿيارن جي تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان جي عوام ۽ مسجدن تي حملن ۽ گذريل رات دير سان ڀارت جي پاڪستان جي هوائي اڏن تي ڪيل ميزائل حملن بعد پاڪستان جو رات جو دير سان شروع ڪيل آپريشن بنيان مرصوص 12 ڪلاڪ جاري رهيو ۽ ڪالهه ٽپهري جو 4 وڳي مڪمل ڪيو ويو جڏهن ٻنهي ملڪن ۾ جنگ بندي جو اعلان ٿيو. ڀارت جي جن ايئربيسز تان پاڪستان جي هوائي اڏن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو هو، پاڪستان انهن هدفن کي نشانو بڻايو. ڀارت تي فتح ون ميزائل فائر ڪيا ويا. ڀارت جي بياس واري علائقي ۾ براهموس ميزائل اسٽوريج سائيٽ، اڌمپور، پٺاڻ ڪوٽ، آدمپور ايئربيس ۽ ايئر فيلڊز ۽ ڀارت جي ڪي جي ٽاپ برگيڊ جي هيڊڪوارٽر تي ڪامياب حملا ڪيا ويا. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هوائي فوج جي جي ايف 17 ٿنڊر جهازن هائپر سانڪ ميزائلن ذريعي آدمپور ۾ ڀارتي ايس-400 دفاعي نظام کي نشانو بڻايو، جنهن جي ماليت لڳ ڀڳ 1.5 ارب ڊالر آهي ۽ جيڪو ڀارت روس کان خريد ڪيو هو. ڀارتي هواوالا هيڊڪوارٽر ”هلوارا ايئر فِيلڊ“ کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اڌمپور، ڀٽنڊا، سورت ڳڙهه، مامون، اکنور، ڄمون، سرسا ۽ برنالا جا هوائي اڏا به تباهه ڪيا ويا. سڪيورٽي ذريعن موجب ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ويجهو فوجي ٺڪاڻي ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي اباڻي رياست گجرات ۾ پاڪستان جا ڊرون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اڏامندا رهيا. ڀارت جو ايئر ڊفينس نظام به جام ڪيو ويو، جنهن سان انهن جي جهازن جي نڪرڻ جي صلاحيت به ختم ٿي وئي. جڏهن ته لائين آف ڪنٽرول تي جوابي ڪارروائي ڪندر ڦڪليان سيڪٽر ۾ ڀارتي پوسٽن کي نشانو بڻايو ويو، جتي ربتان والي پوسٽ، جزيره پوسٽ ڪمپليڪس، ڪافر مهري، شاهپر ۽ غدر ٽاپ سميت ڪيتريون ئي چوڪيون تباهه ڪيون ويون. ان کانسواءِ پير ڪانٺي سيڪٽر ۾ قلعو ڍير، گرين پليٽو ۽ جنگل ون پوسٽ ۽ ڌودي سيڪٽر جي سامهون ”نيو ڪمپليڪس“ به نشانو بڻيو. پاڪستان جي هيڪرن ڀارتي هوائي نظام سميت ڪيتريون ئي ويب سائٽون هيڪ ڪري ڇڏيون جنهن ۾ ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي اليڪٽرڪ ڪمپني تي سائبر حملو ڪري بجلي جو نظام مڪمل طور جام ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڀارتي فوج به پاڪستان جي جوابي ڪارروائي ۾ نقصان ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، ڀارتي فوج جو چوڻ آهي ته پاڪستان 26 هنڌن تي هوائي حملا ڪيا، ڀارت جي عسڪري ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ لاءِ تيز رفتار ميزائل استعمال ڪيا ويا ويا، انڊين فوج جي ڪرنل صوفيا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان يو ڪيب ڊرونز، لانگ رينج هٿيار ۽ جنگي جهازن جو استعمال ڪري ڀارتي فوجي انفرا اسٽرڪچر کي نشانو بڻايو، اُڌم پور، پٺاڻ ڪوٽ، آدم پور، ڀج، ڀٽنڊا اسٽيشن جهڙن ايئر ايشينز تي فوجي سامان ۽ اهلڪارن کي نقصان پهتو، سرينگر ۽ اونتي پور ۾ ايئربيس کي به نشانو بڻايو ويو.