ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ٽيسٽ ڪرڪٽر شعيب ملڪ پاڪ فوج کي بهادري ۽ ثابت قدمي تي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. انسٽاگرام تي پنهنجي پيغام ۾ شعيب ملڪ چيو ته ”پاڪ فوج پاران ڏيکاريل بهادري لفظن کان مٿانهين آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج جي وابستگي پوري دنيا لاءِ متاثر ڪندڙ مثال آهي. شعيب ملڪ جو چوڻ هو ته ”اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي، ڀارت گوڏا کوڙي ورتا، پاڪستان زنده باد.“