نئين دهلي (م ڊ) ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل کان پوءِ ڀارت ۽ ڪينيڊا ۾ ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن تيز ٿي رهي آهي، هاڻي ڀارت ڪينيڊا جي چاليهه سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عالمي ميڊيا موجب ڀارت ڪينيڊا کي فوري طور تي پنهنجي سفارتڪارن جي تعداد ۾ وڏي گهٽتائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڀارت ڪينيڊين سفارتخاني جي 40 عملدارن کي 10 آڪٽوبر تائين نڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڀارتي حڪومت گڏ ئي ڪينيڊا کي ڌمڪي به ڏني آهي ته جيڪڏهن سندس ٻڌايل تاريخ تائين سفارتڪارن ملڪ نه ڇڏيو ته انهن کي مليل سفارتڪاري ڇوٽ ختم ڪئي ويندي. ميڊيا موجب هن وقت ڀارت ۾ ڪينيڊا جا 62 سفارتڪار موجود آهن جن مان 41 ڄڻن کي واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.